سنڌو رسالو

سنڌو (رسالو): ماهوار سنڌو رسالو، جنهن جو اجراءُ پهرين جنوري 1932ع تي سنڌي ادب جي رکوال ۽ خدمتگذار مسٽر بولچند وسومل راجپال شڪارپور مان ڪيو. هي رسالو شيام سندر پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپيو. هن صاحب پهرئين رسالي ۾ ڄاڻايو آهي ته انگريزي جو ’ماڊرن رويو‘ هنديءَ جا ’چاند‘، ’سرموتي‘، ’ماڌوري‘ ۽ اردوءَ جو ’همايون‘ رسالا پڙهندو هئس، جن متاثر ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي شيوا ڪنهن ادبي رسالي جي آڌار تي ڪجي. انهن مڙني رسالن کي آڏو رکي، بولچند ’سنڌو‘ جاري ڪيو، جنهن ۾ انهن مشهور رسالن جهڙيون خوبيون موجود رکيائين. مسٽر بولچند جي ان عمل تي ساڌو واسواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، منوهر داس ۽ ٻين سرهائيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سندس اخلاقي توڙي علمي حمايت ڪئي. رسالي جي شايع ٿيڻ جي ڪجهه عرصي ۾ سرڪيوليشن وڏي اوج کي رسي.
مرزا نادر بيگ، فرنٽيئر گزيٽ، شيوڪ موٽواڻي سميت ’سنڌ آبزرور‘ جي ايڊيٽوريل صفحي، هن رسالي جي شايع ٿيڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي بهترين خدمت قرار ڏنو.
سنڌو رسالي سنڌي ادب ۾ گهڻ موضوعاتي فهم ۽ فڪر تي لکڻ لاءِ ڄڻ هڪ تحريڪ برپا ڪئي، ان ۾ مسٽر بولچند جو نهايت ئي اهم ڪردار هو، جنهن هڪ ئي وقت جتي سنڌ جي سماجي، ادبي، علمي حالتن پٽاندر رسالو سهيڙيو، اتي انگريزي، هندي، گجراتي ادب جو گهرو مطالعو ڪندي سنڌي ادب کي ان سان مانوس ڪيو. مسٽر بولچند هن رسالي کي ڪمائيءَ جي بجاءِ نج ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ واري خيال کان هلايو.
هن صاحب رسالي جي اشاعت سميت ’ادار سنڌ‘ نالي فورم قائم ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، ترويج ۽ اشاعت لاءِ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌوءَ جي پهرين پرچي جي اشاعت کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ هن سنڌي ساهت سميلن جو سڏ ڏنو. سنڌ جي اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ ودوان عالمن سان رابطي ۾ رهيو.
اهڙيءَ ريت پهرين ساهت سميلين 15 اپريل 1933ع تي شڪارپور ۾ ٿي. ان جي صدارت هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي ڪرڻي هئي، پر پٽ جي اوچتي ناچاڪي سبب هو ممبئي هليو ويو، جنهن جي جاءِ تي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ مخصوص تدبيرون جوڙيون ويون ۽ طئه ٿيو ته:
(1) سنڌي ساهت سڀا کي پڪي پايي تي بيهارڻ لاءِ باترتيب انتظام تشڪيل ڏجي.
(2) سنڌي لائبرري ٺهڻ گهرجي.
(3) سستو ساهت منڊل برپا ڪجي.
(4) تحقيق لاءِ ڪاميٽيون ٺاهڻ، جيڪي سمورو سال تحقيق ڪن ۽ هر سال سنڌي سميلن ۾ اهي پيش ڪن.
(5) سنڌي ساهت سميلين هر سال منعقد ڪئي ويندي.
سنڌو رسالو پهرين شيام سندر پرنٽنگ پريس لکي در مان شايع ٿيندو هو. مسٽر بولچند راجپال هي پرنٽنگ پريس سڪ پل روڊ تي قائم ڪري اتان رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو.
1935ع ۾ سنڌو رسالي جي آفيس ان پرنٽنگ پريس مان منتقل ڪري سيٺ نارائڻ داس بجاج جي جاءِ ۾ آندي وئي، جيڪا لکي در جي اوڀر ۾ پراڻي فوجداريءَ جي سامهون هئي. 1934ع ۾ هن رسالي لاءِ بولچند صاحب مالي گهوٽالي جو ذڪر ڪيو آهي. هونئن به ’سنڌو رسالو‘ هن ودوان شخص جي ذاتي خدمت جو نتيجو هو. ٻن سالن ۾ هن صاحب بنا ڪنهن فائدي کڻڻ جي ٽي هزار رپيا رسالي جي اشاعت تي خرچ ڪيا. ان دوران سنڌي جنتا کي رسالي جي مالي سهڪار لاءِ اپيلون لکيون ويون.
مارچ 1935ع ۾ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ سنڌو رسالو اسڪولن لاءِ خريدڻ جي منظوري ڏئي ڄڻ هن رسالي جي زندگيءَ ۾ روح ڦوڪيو ۽ وري ٻيهر ان ئي اوج سان رسالي جو اجراءُ ٿيو. ان عمل سان تعليم جي ميدان ۾ رسالي جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون هيون. 1935ع ۾ رسالي جي آفيس ميان جي ڳوٺ منتقل ڪئي وئي ۽ اتان رسالي جي اشاعت ٿيندي رهي. 1936ع ۾ ساهتيه ڪانفرنس ۾ رسالي سميت ان جي اجراءُ ڪندڙ مسٽر بولچند جي ساراهه ڪئي وئي.
1939ع ڌاري رسالي جي آفيس جيڪب آباد منتقل ڪئي وئي. راجپال پرنٽنگ پريس، جنهن مان سنڌو جي اشاعت ٿيندي هئي، ان پريس جو نالو مٽائي ’ڀارت پرنٽنگ پريس‘ رکيو ويو. ان منتقلي دوران رسالي جي اشاعت ۾ ٻه مهينا وقفو اچي ويو، جنهن کان پوءِ 1939ع ۾، جون- جولاءِ ۽ آگسٽ ٽنهي مهينن جو گڏيل پرچو شايع ڪيو ويو.
1939ع ۾ راجپال سان گڏ سنڌوءَ جو ايڊيٽر ماڌو داس شوالو مل ٿيو. 1942ع ۾ هري دلگير درياڻي به سنڌوءَ جي ادارتي لڏي ۾ شامل ٿي ٽئين ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون ۽ خاص طور نظم واري ڀاڱي جي ايڊيٽنگ جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو.
1942ع ڌاري ٻيهر مالي گهوٽالي سبب ’امانتي بورڊ‘ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جيڪو سنڌو رسالي لاءِ مالي سهڪار حاصل ڪرڻ جي خيال کان ٺاهيو ويو، جنهن تحت مستقل خريدارن جا فارم ڀرڻ جو رٿيو ويو، جنهن هيٺ 300 رپيا ڏيندڙ کي منڊل جو (Pastron) مربي ۽ 100 رپيا ڏيندڙ کي سڄيءَ عمر جي ميمبرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان دوران جملي پندرهن تاحيات ميمبر ٺهيا ۽ رسالي جي اشاعتي ڪم کي اڳتي کنيو ويو. 1942ع ۾ هري دلگير کي اوور سيز کاتي ۾ نوڪري ملي ته هيءُ صاحب رسالي جي ايڊيٽريءَ تان دستبردار ٿيو. 14 آگسٽ 1942ع تي مسٽر ماڌو داس شوالي مل کي سياسي سماجي جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ تان گرفتار ڪري اڍائي سالن لاءِ جيل موڪليو ويو. ان دوران سنڌ ملڪ ۾ ٻوڏن به راڱا ڪيا. انهن مڙني حالتن سبب مسٽر راجپال سنڌو رسالي جي آفيس ميان جي ڳوٺ ۾ آندي ۽ رسالو ’ٽرسٽ بورڊ‘ جي حوالي رهيو. ان دوران رسالي جي معيار تي به ڪجهه ضربون آيون. معاشي طور غير مستحڪم هئڻ سبب رسالي جي اشاعت ۾ به گهاريون پيون. مسٽر راجپال ان دوران سنڌ ۾ ’ساهتيه منڊل‘ جو به بنياد رکيو، جيڪا نج ادبي سوسائٽي هئي. 23 اپريل 1944ع تي ميان جي ڳوٺ ۾ ان جي پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدار چونڊيا ويا. جڏهن ته بورڊ جي هر ميمبر کي هر مهيني 40 رپيا پگهار ڏيڻ جو طئه ٿيو ۽ سنڌو رسالي جي ليکڪن، ميمبرن ۽ گراهڪن پاران ميلا ۽ جلسا منعقد ڪرڻ جي رٿ آئي، جيڪا پڻ منظور ٿي. ان گڏجاڻيءَ جي صدارت منوهر داس گلناڻيءَ ڪئي.
1947ع ۾ طئه ٿيو ته سنڌو رسالو ميان جي ڳوٺ بجاءِ ڪراچيءَ مان شايع ڪجي. ان دوران مسٽر راجپال گهريلو مجبورين سبب ڪراچيءَ وڃڻ جهڙو ڪو نه هو ۽ مسلسل معاشي مسئلن سبب رسالي جو اجراءُ ڪراچيءَ مان ڪرڻ ۾ ئي رسالي جي بقا هئي. اهڙيءَ ريت 20 ڊسمبر 1946ع تي سنڌوءَ جو آخري پرچو مسٽر راجپال جي ايڊيٽريءَ هيٺ نڪتو، جنوري 1947ع کان سنڌوءَ جو ايڊيٽر ماڌو داس شوالو مل ٿيو ۽ ڪراچيءَ جي جنتا پرنٽنگ پريس مان رسالي جي ڇپائي ٿيڻ شروع ٿي، جنهن کي سنڌ ٽرسٽ بورڊ آفيس فريئر روڊ ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو ويندو هو.
هن رسالي سنڌ اندر علمي، ادبي سجاڳيءَ ۽ ذخيري ۾ وڏو واڌارو آندو. هن رسالي پهرين جنگ عظيم کان پوءِ سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ڇانيل ماٺ کي ٻيهر تيز ڪيو. رسالي ۾ شعر، شاعري، تاريخ، تحقيق، تنقيد، سفرنامو، ڊراما، افسانا وغيره ڇاپيا ويندا هئا.
هن رسالي جي اشاعت پندرهن سالن جي عرصي تائين رهي، رسالي جي طفيل سنڌي ادب ۾ ڪيتريون نيون ادبي صنفون متعارف ٿيون.
سنڌو رسالي جي ليکڪن ۾: ساڌو واسواڻي، هوندراج دکايل، ڏيوانداس آزاد، منوهرداس ڪوڙومل، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، جهامنداس ڀاٽيه، پروفيسر نارائڻ ملڪاڻي، مرزا نادر بيگ، شيوارام لالا، ڪشنچند بيوس، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، روچيرام شداڻي، سوڀراج نرملداس فاني، مولچند ٺڪر، اڌارام آسراڻي، ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻي، آسانند مامتوراءِ، بولچند راجپال، شيوڪ موٽواڻي، کيئلداس وليرام بيگواڻي فاني، حشمتراءِ ملڪاڻي، عبدالله عبد، ڄيٺمل ناگراڻي، تاراچند ڦٽيل، امر لعل هنڱوراڻي، لطف اللهجوڳيبدوي، عبدالڪريم گدائي، هرومل سدارنگاڻي، آغا غلام نبي صوفي، پروفيسر تاراچند گاجرا پتنگ، لال سنگهه اجواڻي، پير علي محمد راشدي،پير حسام الدين راشدي، غلام قادر قيس، هزاري مل سڪايل، چانڊومل کتري، محمد حنيف صديقي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي،نانڪرام ميرچنداڻي، محمد امين کوسو، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، وشنو گيهاڻي، کڙکٻيتو، محمد صديق ميمڻ، ڪلياڻ آڏواڻي، هيرانند ڪرمچند، مولانا عبدالڪريم چشتي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، عباسي عبدالمجيد عابد، پرسرام شهاڻي، فقير غلام علي مسرور، قادربخش حقير، ليکراج عزيز، گدومل هرجاڻي، خاوند بخش اختر، آخوند رسول بخش، مولائي شيدائي، حبيب الله آزاد، پرسرام رنجور، حق نواز مغل، مرلي گوڪلاڻي، لعل بخش ابڙو، آتما رام ڪٽاريا، محمد عظيم سميجو، سـوڀـو گيانچـنداڻـي، شيخ ساز علي ’ساز‘، احسان بدوي، حبيـب الله ڀٽو، لعلچند امرڏنو مل جڳتياڻي، سيد بچل شاهه، علي اڪبر ميمڻ، برڪت آزاد، ڄاڃي لعل آهوجا، ديوت شرما، کيمو هميراجاڻي، محمد شعبان لاڙڪ، هري دلگير درياني، بدر دريشاڻي، شيخ اياز، ع. ق. شيخ، نانڪرام ميرچنداڻي، لڇمڻ هميراجاڻي وليڇا، گوبند مالهي، لعل محمد لعل، نعيم وجدي صديقي، چوئٿرام وليڇا، سڳن آهوجا، ڀوڄراج ناگراڻي، قلندر بخش نثار وغيره هئا. سنڌو رسالي جي معرفت راجپال نون لکندڙن کي همٿائيندو رهيو.
هن رسالي پاران خاص نمبر به شايع ٿيا، جن ۾: ايڪتا نمبر، گانڌي انڪ، شهيد انڪ، ڪهاڻي پرچو وغيره شامل آهن.
سنڌو رسالي جي معرفت سنڌو آفيس ۾ مسٽر بولچند ڪيترا قلمي نسخا هٿ ڪري جمع ڪيا، جن ۾ خاص طور: ديوان دلپت جو ڪلام، شاهو فقير جو ڪلام، بيدل ۽ بيڪس جو ڪلام، روحل فقير جو ڪلام، مراد فقير جو ڪلام، فقير غلام عليءَ جو ڪلام، فقير درياهه خان جو ڪلام، ٻڍل فقير جو ڪلام وغيره جا نسخا شامل هئا. هنن قلمي نسخن مان چونڊ ڪلام، بولچند راجپال سنڌو رسالي ۾ ڇاپيندو هو.
هن رسالي جو سنڌ ۾ آخري پرچو جولاءِ- آگسٽ 1947ع ۾ شايع ٿيو. ورهاڱي سبب سنڌي ٻوليءَ جو نامور، ليکڪ ۽ عظيم خدمتگار بولچند راجپال سنڌ مان لڏي ويو.
آگري ۾ قيام پذير ٿيڻ بعد اتي راجپال پرنٽنگ پريس قائم ڪيائين ۽ پپل منڊي آگري مان سيپٽمبر 1954ع ۾ ٻيهر ڪرائون سائيز ۾ ’سنڌو رسالوجاري ڪيائين، جيڪو ڪجهه وقت تائين نڪرندو رهيو.


لفظ سنڌو رسالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو